ديوانِ بيدل اردو

ديوانِ بيدل اردو

ديوانِ بيدل اردو

ديوانِ بيدل (اردو ڪتاب): ڪلاسيڪي ۽ صوفي شاعر فقير قادر بخش اردو ڪلام'>بيدل جو اردو ڪلام ’ديوان بيدل‘، نوجوان محقق، اديب ۽ شاعر اختر درگاهيءَ ترتيب ڏنو آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو، سچائي اشاعت گهر، دڙي طرفان ’اردو ڪلام'>بيدل جو اردو ڪلام‘ جي نالي سان 1997ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو هو، جنهن جي ڪافي پذيرائي ٿي ۽ ان کي 1997ع جي بهترين تحقيقي ڪتاب طور، 1998ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران انعام ڏنو ويو هو.
بيدل يادگار ڪميٽيءَ روهڙيءَ ان ڪتاب جي اهميت کي محسوس ڪندي ان کي ٻيهر ڇپائڻ جو فيصلو ڪيو ته محترم اختر درگاهيءَ کي پهرئين ڇاپي کي وڌائڻ ۽ سڌارڻ جو موقعو مليو. اهڙيءَ ريت هن محترم مٺل مسرور بدوي ۽ محترم محمد پنهل ڏهر جي توسط سان بيدل فقير جي ڪجهه وڌيڪ اردو ڪلام کي به هن ٻئي ايڊيشن ۾ شامل ڪيو. هن بيدل يادگار ڪميٽي، روهڙيءَ پاران ڇپيل ’ديوان بيدل‘ (اردو ڪلام) جي ڊيمي سائيز جي 127 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي ۽ ان جي اشاعت جو سن جنوري 2003ع آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو